شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو پراڻو ڏيک

شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو پراڻو ڏيک

شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو نئون ڏيک

شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو نئون ڏيک

جهوڪ شريف (ماڳ)

جهوڪ شريف (ماڳ): جھوڪ شريف تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ '', 52°73'24°44 اتر ڊگهائي ڦاڪ ''67°55', 26 33 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن وستي جو مان مرتبو سنڌ جي عظيم صوفي شاهه عنايت شهيد جي ڪري مٿانهون آهي. جھوڪ شريف، ميرپور بٺوري کان ساڍا ٽي ڪوهه پري، مولچند واهه جي ڪپ تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو اصل نالو ميرانپور هو، پر صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ دوران وٽس هزارين مريد ايندا هئا، ان ڪري آئي وئي جي اٺن ۽ وهٽن جي جھوڪ به اتي ٿيندي هئي، تنهنڪري ڳوٺ تي نالو ’جھوڪ‘ پئجي ويو. سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد تصوف جو وڏو داعي ۽ برگزيدو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس درگاهه تي شاهه لطيف به پير گھمايا هئا. سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن دلپت صوفي ۽ بيدل فقير به هتي حاضري ڀري هئي. تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ’صوفي فقير‘ جو مشهور صوفي شاعر صادق فقير سومرو به هن درگاهه جو پوئلڳ هو. اڄ به جهوڪ شريف جي درگاهه تي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جا هزارين عقيدتمند هر سال صوفي شاهه عنايت جي ميلي تي زيارت لاءِ ايندا آهن. جهوڪ شريف جي درگاهه فنِ تعمير جو شاهڪار آهي. ابتدا ۾ هيءَ سادي طرز جي درگاهه هئي. هن درگاهه جو اڱڻ نهايت ڪشادو آهي ۽ ڀر ۾ مسجد اٿس. جھوڪ شريف ۾ شاهه عنايت جي درگاهه کان ڪجهه مفاصلي تي بلڙيءَ ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه موجود آهي. جهوڪ ۾ شاهه عنايت شهيد جي عرس تي ساليانو سماع پڻ ٿيندو آهي، جنهن ۾ صوفياڻي ڪلام جون محفلون مچنديون آهن ۽ ڌار ڌار ٻارين ۾ سماع ٿيندو آهي. هن درگاهه تي اڪثر فنڪار صوفي صادق فقير جو ڪلام ڳائيندا آهن، جڏهن ته شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام پڻ ڳايو ويندو آهي. جھوڪ شريف هن وقت هڪ ننڍي شهر جو ڏيک ڏئي ٿو. هتي هڪ ننڍي بازار به آهي ته ٽرانسپورٽ ۽ اسڪولن جون سهولتون به موجود آهن. روڊ جي سامهون جهوڪ شگر مِل آهي. (وڌيڪ ڏسندا: شاهه عنايت شهيد).


هن صفحي کي شيئر ڪريو